1.سموئيل 18:10 - Sindhi Bible10 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible10 ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.