Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:55 - Sindhi Bible

55 ۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:55
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائبو؛ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيسين اوهان جو ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو، تيسين اوهين هتان وڃي ڪين سگهندا.


۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري.


۽ سائول جي زال جو نالو اني نوعم هو، جا اخي معض جي ڌيءَ هئي: ۽ سندس سپهہ سالار جو نالو ابنير هو، جو سائول جي چاچي نير جو پٽ هو.


۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.


۽ دائود انهي فلستيءَ جي سسي کڻي يروشلم ۾ آيو؛ پر هن جي زرهہ هن پنهنجي تنبو ۾ رکي.


۽ بادشاهہ چيو تہ پڇا ڪر تہ هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي.


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ