Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:52 - Sindhi Bible

52 ۽ اسرائيل جا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو اُٿيا، ۽ نعرا هڻي فلستين جي پٺيان پيا، ۽ گئيءَ تائين، ۽ عقرون جي دروازن تائين هنن کي ڀڄائيندا ويا. ۽ فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا سي شعريم جي راهہ ۾، جات ۽ عقرون تائين پئي ڪِريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 تڏهن يهوداہ قبيلي جا توڙي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جا ماڻهو اٿيا ۽ للڪاريندا فلستين جي پٺيان ڪاهي پيا، ايتري تائين جو جات ۽ عقرون شهرن جي دروازن تائين کين ڀڄائيندا ويا. فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا هئا، سي شعريم جي راهہ ۾ جات ۽ عقرون شهرن تائين ڪرندا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:52
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو اُٿيو ۽ فلستين کي اهڙو ماريائين جو سندس هٿ ٿڪجي پيو ۽ ترار سندس هٿ سان چنبڙي پئي: ۽ خداوند انهيءَ ڏينهن وڏي فتح ڏني، ۽ ماڻهو انهيءَ جي پٺيان رڳو لٽ ڪرڻ لاءِ موٽيا.


۽ اسرائيل جو بادشاهہ ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي گهوڙن ۽ رٿن کي شڪست ڏنائين، ۽ ارامين ۾ ڏاڍو ڪوس وجهي اُنهن کي ماريائين.


پوءِ اُها سرحد نڪري اُتر ڏي عقرون جي پاسي تائين ويئي، پوءِ اُها لنگهي سڪرون ڏانهن، ۽ اُتان بعلہ ڏانهن لنگهي، وري نڪري يبني ايل تائين ويئي؛ ۽ انهي سرحد جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي بيٺي.


تڏهن اسرائيلي نفتاليءَ مان، ۽ آشر مان، ۽ منسيءَ مان گڏ ٿي مديانين جي پٺيان پيا.


۽ بني اسرائيل فلستين کي ڀڄائي پٺتي ورايو، ۽ انهن جي لشڪرگاهہ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا.


تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ