Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:50 - Sindhi Bible

50 انهي طرح دائود هڪڙي کانڀاڻي ۽ هڪڙي پٿر سان فلستيءَ تي غالب آيو، ۽ فلستيءَ کي قتل ڪيائين؛ پر دائود جي هٿ ۾ ڪابہ ترار ڪانہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 اهڙيءَ طرح دائود بنا ڪنهن تلوار جي، رڳو کانڀاڻيءَ مان هڪڙي پٿر اڇلائڻ سان جالوت کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:50
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو.


تنهنڪري سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ جنگ جي ڏينهن جيڪي ماڻهو سائول ۽ يونتن سان هئا، تن مان ڪنهن جي بہ هٿ ۾ ترار يا ڀالو نہ هو.


۽ دائود پنهنجي ترار پنهنجي پوشاڪ جي مٿان چيلهہ سان ٻڌي، ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين: ڇالاءِ جو هن کي اڳي ڪو آزمودو ڪونہ هو. ۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ هنن سان هلي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي. ۽ دائود اُهي لاهي ڇڏيا.


۽ دائود پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي اتان هڪڙو پٿر ڪڍيو، ۽ کانڀاڻي ۾ رکي اُڇلائي فلستيءَ جي پيشانيءَ ۾ هنيائين، ۽ اُهو پٿر هن جي پيشانيءَ ۾ گهڙي ويو، ۽ هو زمين تي اونڌو ٿي ڪري پيو.


تڏهن دائود ڊوڙي فلستيءَ تي چڙهي بيٺو، ۽ سندس ترار کپ مان ڪڍي انهي سان ڪُٺائينس، ۽ سسي وڍي ڌار ڪيائينس. ۽ جڏهن فلستين ڏٺو تہ سندن پهلوان مارجي ويو، تڏهن هو اُٿي ڀڳا.


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.


۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ