1.سموئيل 17:47 - Sindhi Bible47 ۽ هيءَ ساري جماعت ڄاڻي تہ خداوند ترار ۽ نيزي سان نٿو بچائي: ڇالاءِ جو جنگ خداوند جي آهي، ۽ اُهو اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible47 ۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ آسا خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڪري چيو تہ، اي خداوند تو کانسواءِ طاقت واري ۽ بي طاقت جي وچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪونهي: اي خداوند اسان جا خدا، اسان جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اسان جو ڀروسو توتي آهي، ۽ تنهنجي ئي نالي تي اسين هن وڏي لشڪر سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اي خداوند، تون اسان جو خدا آهين؛ ائين نہ ڪر تہ انسان توتي غالب پوي.