Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:45 - Sindhi Bible

45 تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 تڏهن دائود جالوت کي ورندي ڏني تہ ”تون مون تي تلوار، نيزو ۽ بڻڇي کنيو پيو اچين. پر آءٌ تو تي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي لشڪر جي خدا جي نالي سان پيو اچان، جنهن کان تو حقارت ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:45
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آسا هن جي مقابلي لاءِ نڪري ويو، ۽ مريسہ وٽ صفاتہ جي واديءَ ۾ هو صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳا.


هن سان هڪڙي گوشت جي ٻانهن آهي؛ پر اسان سان اسان کي مدد ڏيڻ لاءِ، ۽ اسانجين جنگين ڪرڻ لاءِ، خداوند اسان جو خدا آهي. تڏهن ماڻهن کي يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڳالهين ڪري آرام آيو.


اسان جي مدد خداوند جي نالي ۾ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


اهي جهڪايا ويا آهن ۽ ڪري پيا آهن: پر اسين اُٿيا آهيون ۽ سنوان ٿي بيٺا آهيون.


نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪمان تي ڀروسو نہ رکندس، نڪي منهنجي ترار مون کي بچائيندي.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


پر مون کي تنهنجي ويهڻ، ۽ تنهنجي اچڻ وڃڻ، ۽ مون تي ڪاوڙجڻ جي خبر آهي.


ڇالاءِ جو اسان جي جنگ جا هٿيار جسماني نہ آهن، پر اهڙا سگهارا آهن جو خدا جي وسيلي مضبوط قلعا بہ ڊاهيو وجهن؛


ائين نہ آهي تہ اسين پاڻ اهڙي لياقت ٿا رکون، جو پاڻهي پاڻ کان ڪو خيال ڪري سگهون؛ پر اسان جي لياقت خدا کان آهي،


جيڪو مون کي طاقت ٿو ڏئي، تنهن جي وسيلي آئون سڀ ڪجهہ ڪري ٿو سگهان.


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


۽ هن کي ٽَنگن تي پتل جا جهاڙولا پيل هئا، ۽ ڪلهن جي وچ تي هڪڙي پتل جي بڻڇي رکيل هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ