Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:43 - Sindhi Bible

43 ۽ فلستيءَ دائود کي چيو تہ آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون لٺ کڻي مون تي آيو آهين؟ ۽ فلستي پنهنجن معبودن جا قسم کڻي دائود تي لعنت وڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 پوءِ جالوت دائود کي چيو تہ ”آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون مون تي لٺ کڻي آيو آهين؟“ جالوت پنهنجي معبود جا نالا کڻي دائود تي لعنت وجھڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:43
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.


تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان.


تڏهن اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري ابنير ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڪو يهوداہ جو ڪتو آهيان ڇا؟ اڄوڪي ڏينهن آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گهراڻي کي، ۽ تنهنجن ڀائرن کي، ۽ سندس دوستن کي مهرباني ٿو ڏيکاريان، ۽ توکي جهلي دائود جي حوالي نہ ڪيو اٿم، ۽ تنهن هوندي بہ تون هن زال جي نسبت ۾ اڄ مون مان عيب ٿو ڪڍين؟


۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟


۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ حزائيل چيو تہ تنهنجو نوڪر، جو رڳو هڪڙو ڪتو آهي، سو ڪير آهي جو اهڙو وڏو ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ اليشع ورندي ڏني تہ خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.


جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي.


هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.


۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.


۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.


اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ تون ڪنهن جي پٺيان پيو آهين؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان؛ هڪڙي ڪارڙي جي پٺيان؟


تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ