Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:36 - Sindhi Bible

36 تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:36
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن خداوند، اسرائيل جي خدا جي بابت بي ادبيءَ جا خط بہ لکيا، جن ۾ ان جي برخلاف ڳالهايائين ۽ چيائين، تہ جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جي معبودن پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏائيندو.


ڪهاڙي، انهيءَ جي اڳيان جيڪو ڪهاڙيءَ سان وڍي ٿو، ٻٽاڪ هڻندي ڇا؟ جيڪو ڪارائي هلائي ٿو تنهن سان ڪارائي ڪا وڏائي بہ ڪندي ڇا؟ ڄڻ تہ ڪو لڪڻ انهيءَ کي لوڏي جو اهو کڻي ٿو، ڄڻ تہ ڪاٺ انهيءَ کي کڻي جو ڪاٺ نہ آهي.


نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو.


سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟


تون ڌارين جي هٿان اڻ طهريلن وارو موت مرندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون ائين حڪم ڪيو آهي.


سونهن ۾ تون ڪنهن کان ڪسر آهين؟ هيٺ لهي وڃ ۽ وڃي اڻ طهريلن سان پئجي رهہ.


پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تڏهن آءٌ انهي جي پٺيان ويندو هوس ۽ انهي کي هن جي وات مان ڇڏائيندو هوس: ۽ جڏهن هو مون تي ڪاهي ايندو هو تڏهن آءٌ هن جي ڏاڙهيءَ کان وٺي هن کي ماريندو ۽ قتل ڪندو هوس.


۽ دائود چيو تہ جنهن خداوند مون کي شينهن جي چنبي مان ۽ رڇ جي چنبي مان بچائي ورتو، سو مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو. تڏهن سائول دائود کي چيو تہ وڃ، خدا توساڻ ٿيندو.


۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ