Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:34 - Sindhi Bible

34 پر دائود سائول کي چيو تہ تنهنجو ٻانهو پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو آهي: ۽ جڏهن ڪو شينهن يا رڇ ايندو هو ۽ ڌڻ مان گهيٽو کڻي ويندو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر دائود سائول کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چاريندو آهي ۽ جڏهن بہ ڪو شينهن يا رڇ اچي ڌڻ مان ڪو گھيٽو کڻي ويندو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:34
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مرون ڦاڙيو سو بہ مون تو وٽ نہ آندو، پر انهيءَ جو نقصان مون پاڻ تي کنيو. جيڪو ڏينهن جو يا رات جو چورائجي ويو، سو بہ تو مون کان ڀرائي ورتو.


۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.


۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو:


بناياہ بن يهويدع، جو قبضيئلي جي هڪڙي پهلوان جو پٽ هو ۽ جنهن بهادريءَ جهڙا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جا ٻہ پٽ قتل ڪيا: هن برف جي وقت، هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙو شينهن بہ ماري وڌو.


آءٌ آڳاٽن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجن سڀني حڪمن تي ڌيان ٿو ڪريان: آءٌ تنهنجي هٿ جي ڪمن تي غور ٿو ڪريان.


جيئن ڪو ڌنار انهي ڏينهن پنهنجو ڌڻ ڳولي لهي، جنهن ڏينهن هو پنهنجين رلي ويل رڍن ۾ هجي، تيئن آءٌ بہ پنهنجون رڍون ڳولي لهندس؛ ۽ جن جن جاين تي هو بادل ۽ اونداهيءَ واري ڏينهن پکڙي ويون آهن اُتان آءٌ انهن کي ڇڏائيندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا.


ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.


آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.


۽ انهي ملڪ ۾ ڪي ريڍار هئا، ۽ جن رات جو پنهنجي ڌڻ جي سنڀال پئي ڪئي.


چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.


۽ صبر مان پختائي؛ ۽ پختائيءَ مان اُميد:


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين.


۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو.


۽ سائول دائود کي چيو تہ تون هن فلستيءَ سان وڃي وڙهڻ جهڙو نہ آهين: ڇالاءِ جو تون اڃا ڇوڪر آهين، ۽ هو ننڍپڻ کان جنگي مرد آهي.


تڏهن آءٌ انهي جي پٺيان ويندو هوس ۽ انهي کي هن جي وات مان ڇڏائيندو هوس: ۽ جڏهن هو مون تي ڪاهي ايندو هو تڏهن آءٌ هن جي ڏاڙهيءَ کان وٺي هن کي ماريندو ۽ قتل ڪندو هوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ