Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:28 - Sindhi Bible

28 ۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 سندس وڏي ڀاءُ الياب ماڻهن سان اهي ڳالهيون ڪندي کيس ٻڌي ورتو، سو هو دائود تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو کيس چوڻ لڳو تہ ”تون هتي ڇو آيو آهين؟ پنهنجيون رڍون ٻڪريون جھنگ ۾ ڪنهن وٽ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروريءَ ۽ شرارت کي آءٌ ڄاڻان ٿو، ها، تون جنگ ڏسڻ لاءِ ئي هتي آيو آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.


پر جڏهن هن جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ هن کي سندس سڀني ڀائرن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري تڏهن هو سندس حقارت ڪرڻ لڳا، ۽ ساڻس چڱيءَ طرح ڪين ڳالهائيندا هئا.


تڏهن سندس ڀائرن چيس تہ تون سچ پچ اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا سچ پچ اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟ ۽ هن جي خوابن ۽ ڳالهين ڪري، هو پاڻ سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.


۽ رحبعام محالات سان شادي ڪئي، جا يريموت بن دائود، ۽ ابيخيل بنت الياب بن يسيءَ جي ڌيءَ هئي؛


ڪوڙا شاهد کڙا ٿا ٿين؛ ۽ جنهن ڳالهہ جي مون کي خبر ئي ڪانهي تنهن بابت مون کان پڇا ٿا ڪن.


رنج ٿيل ڀاءُ کي راضي ڪرڻ مضبوط شهر کي فتح ڪرڻ کان مشڪل آهي: ۽ اهڙا جهيڙا ڪوٽ جي گزن وانگر آهن.


ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


۽ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر جا ڀاتي ٿيندا.


ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن.


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن.


تڏهن سموئيل تيل جو سڱ کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي وچ ۾ مسح ڪيائين: ۽ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي خداوند جو روح ڏاڍي زور سان دائود تي نازل ٿيڻ لڳو. پوءِ سموئيل اُٿيو ۽ رامہ ڏي ويو.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


تڏهن دائود چيو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ ڳالهہ ائين نہ آهي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ