Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:26 - Sindhi Bible

26 ۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:26
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر.


هن خداوند، اسرائيل جي خدا جي بابت بي ادبيءَ جا خط بہ لکيا، جن ۾ ان جي برخلاف ڳالهايائين ۽ چيائين، تہ جهڙيءَ طرح ٻين ملڪن جي قومن جي معبودن پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي، تهڙيءَ طرح حزقياہ جو خدا بہ پنهنجي قوم کي منهنجن هٿن مان نہ ڇڏائيندو.


مون هي بہ چيو تہ جيڪو ڪم اوهين ڪريو ٿا، سو چڱو نہ آهي: اوهان کي اسان جي خدا جي ڊپ ۾ هلڻ نہ گهرجي ڇا: ڇالاءِ اسان جا دشمن، غير قومون اسان کي طعنو ٿا ڏين؟


تو اسان جي پاڙيسرين کان اسان کي طعنا هڻايا آهن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس ٿا رهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس.


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


تون ڌارين جي هٿان اڻ طهريلن وارو موت مرندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون ائين حڪم ڪيو آهي.


پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:


جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:


اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ پنهنجي سچائيءَ موجب، پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان ٽار، جو تنهنجو پاڪ جبل آهي: ڇالاءِ جو اسانجن گناهن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين ڪري، يروشلم ۽ تنهنجي قوم، پنهنجن سڀني آس پاس وارن لاءِ طعني جو سبب ٿي آهي.


۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس:


ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


۽ هن اُنهي کان منهن ڦيرائي ٻئي ڏانهن ڪيو، ۽ وري بہ انهي طرح چوڻ لڳو: ۽ ماڻهن بہ وري انهيءَ طرح ورندي ڏني.


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ