Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:18 - Sindhi Bible

18 ۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ ڪين ٿا چارين؟ اچ تہ آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان. ۽ هن چيس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو.


۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.


۽ مردڪئي هر روز زنانخاني جي ايوان اڳيان پيو ايندو ويندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي، ۽ سندس ڪهڙو حال ٿو ٿئي.


تو مون کي کير وانگر اوتي نہ ڇڏيو آهي ڇا، ۽ پنير وانگر نہ ڄمايو اٿيئي ڇا؟


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.


ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.


۽ هو اُنهيءَ پاسي ڦري ويا ۽ انهيءَ لاوي جوان جي گهر ۾ آيا، يعني ميڪاہ جي گهر ۾ آيا، ۽ سندس حال احوال پڇڻ لڳا.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.


هاڻي سائول، ۽ اُهي، ۽ اسرائيل جا ٻيا سڀ ماڻهو ايلہ جي واديءَ ۾ فلستين سان پئي وڙهيا.


۽ دائود ڏهہ جوان ماڻهو موڪليا، ۽ دائود انهن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين ڪرمل ڏي چڙهي وڃو، ۽ نابال کي وڃي منهنجي پاران کيڪاريو؛


۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ