Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:13 - Sindhi Bible

13 ۽ يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ سائول جي پٺيان جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا: ۽ اُهي هن جا ٽي پٽ جي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا تن جا نالا هئا الياب، جو پهريتو هو، ۽ تنهن کان پوءِ ابينداب، ۽ ٽيون سمہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 يسيءَ جا ٽي وڏا پٽ يعني پهريتو پٽ الياب، ٻيو ابينداب ۽ ٽيون سمہ سائول سان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب ورندي ڏئي چيو تہ منهنجو ڌڻي ائين نہ سمجهي تہ سڀيئي جوان شهزادا ماري ڇڏيا اٿن؛ ڇالاءِ جو رڳو امنون مارجي ويو آهي: جو جنهن ڏينهن هن پنهنجي ڀيڻ تمر سان زور زبردستي ڪئي تنهن ڏينهن کان وٺي ابي سلوم اهو ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو.


۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.


۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛


۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ