Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 دائود يهوداہ جي بيت‌لحم شهر ۾ رهندڙ يسيءَ نالي هڪڙي افراتيءَ جو پٽ هو. يسيءَ کي اٺ پٽ هئا. سائول بادشاهہ جي زماني ۾ يسي پوڙهو ۽ عمررسيدہ ٿي چڪو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون.


هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن. دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي.


ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


۽ يشيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو: ۽ دائود مان سليمان انهيءَ جي پيٽان پيدا ٿيو جا پهريائين اورياہ جي زال هئي.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.


۽ انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اليملڪ هو، ۽ سندس زال جو نالو نعومي هو، ۽ سندس ٻن پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئا، جي بيت الحم يهوداہ جا افراتي هئا. ۽ هو موآب جي ملڪ ۾ آيا ۽ اُتي رهڻ لڳا.


۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.


۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو، ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.


هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ