Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اڄ آءٌ بني اسرائيل جي لشڪر کي للڪاريان ٿو تہ منهنجي لاءِ ڪو مرد موڪليو جيڪو مون سان مقابلو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي وڙهڻ لاءِ هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.


انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو.


من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


تڏهن دائود فلستيءَ کي چيو تہ تون مون تي ترار، ۽ نيزو، ۽ بڻڇي کڻي ٿو اچين، پر آءٌ توتي لشڪرن جي خدا، اسرائيل جي لشڪرن جي خدا جي نالي سان ٿو اچان، جنهن کي تو هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ