Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 17:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي فلستين جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪيا، ۽ اُهي شوڪہ ۾ جمع ٿيا، جو يهوداہ جو شهر هو، ۽ شوڪہ ۽ عزيقہ جي وچ ۾، افس دميم منجهہ تنبو هنيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 فلستي جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر وٺي يهوداہ جي شهر شوڪو ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن پنهنجا خيما افس‌دميم نالي هڪڙي هنڌ اچي کوڙيا، جيڪو شوڪہ ۽ عزيقہ شهرن جي وچ ۾ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 17:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو فس دميم ۾ دائود سان هو، ۽ اُتي فلستي جنگ جي لاءِ جوَن سان ڀريل هڪڙي زمين جي ٽڪر تي اچي گڏ ٿيا؛ ۽ ماڻهو فلستين جي اڳيان اُٿي ڀڳا.


فلستين بہ هيٺانهين زمين تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ بيت شمس ۽ ايالون ۽ جديروت ۽ شوڪو، ان جي شهرن سميت، ۽ تمنہ، ان جي شهرن سميت، ۽ جمسو، ان جي شهرن سميت، ورتا هئائون، ۽ اتي رهي پيا هئا.


تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.


يرموٿ، ۽ عدلام، شوڪہ، ۽ عزيقہ؛


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


تڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري مٿي هليو ويو: ۽ فلستي پنهنجي ملڪ ڏي هليا ويا.


۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.


۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ گڏ ٿيا آهن، تڏهن فلستين جا سردار بني اسرائيل تي ڪاهي آيا، ۽ جڏهن بني اسرائيل اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن فلستين کان ڊڄي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ