Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:19 - Sindhi Bible

19 تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سو سائول يسيءَ ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو پٽ دائود جيڪو رڍن ٻڪرين سان هوندو آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اُتان روانو ٿيو، ۽ وڃي اليشع بن سافط کي لڌائين، جنهن ڏاندن جا ٻارهن جوڙا جوٽي هر پئي ڪاهيا، ۽ پاڻ ٻارهين جوڙيءَ سان هو: ۽ ايلياہ لنگهي وٽس ويو ۽ پنهنجو چوغو هن جي مٿان اُڇلائي وڌائين.


انهي لاءِ تہ کيس اميرن سان، بلڪ پنهنجي قوم جي سردارن سان گڏ ويهاري.


تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.


۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون ۽ شراب جي سانداري، ۽ هڪ ڇيلو رکي، پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏي ڏياري موڪليو.


۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ