Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيت‌لحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.


۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.


تنهنجي ٻانهي يوآب ڳالهہ جي رخ مٽائڻ لاءِ ائين ڪيو آهي: ۽ منهنجو ڌڻي خدا جي فرشتي جهڙو عقلمند آهي، جو زمين تي جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو.


۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن.


۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.


۽ سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آڻي موجود ڪريو جو چڱو وڄائيندڙ هجي، ۽ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


تنهنڪري سائول يسيءَ ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ تنهنجو پٽ دائود، جو رڍن سان آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.


هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ