Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:16 - Sindhi Bible

16 هاڻي اسان جا سائين تنهنجا نوڪر جي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچن جو بربط وڄائڻ ۾ هوشيار هجي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اهو بدروح خداوند وٽان توتي ايندو، تڏهن اُهو پنهنجي هٿ سان بربط وڄائيندو ۽ تون چڱو ڀلو ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 سو اي آقا! اسين اوهان جا نوڪر، جيڪي توهان جي اڳيان حاضر آهيون، تن کي حڪم ڪريو تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچون جيڪو سُرندو وڄائڻ ۾ ماهر هجي. پوءِ جڏهن اهو ستائيندڙ روح خدا وٽان توهان تي ايندو، تڏهن اهو ماڻهو پنهنجي هٿ سان سُرندو وڄائيندو تہ توهين چڱا ڀلا ٿي پوندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يوسف مصر جي بادشاهہ فرعون جي حضور ۾ آيو، تڏهن سندس عمر ٽيهہ ورهيہ هئي. پوءِ يوسف فرعون وٽان روانو ٿي، مصر جو سڄو ملڪ گهميو.


سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، سڀاڳا آهن تنهنجا نوڪر، جي هميشہ تنهنجي اڳيان بيهن ٿا، ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا.


پر هاڻي مون وٽ هڪڙو ڳائڻ وڄائڻ وارو وٺي اچو. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اُنهيءَ ڳائڻي پنهنجو ساز وڄايو تڏهن خداوند جو هٿ هن تي آيو.


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


هاڻي خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو، ۽ هڪڙو بڇڙو روح خداوند وٽان اچي هن کي ستائڻ لڳو.


۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو.


۽ سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ اهڙو ماڻهو آڻي موجود ڪريو جو چڱو وڄائيندڙ هجي، ۽ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان ڏاڍي زور سان سائول تي آيو، ۽ هو پنهنجي گهر ۾ هل مچائڻ لڳو: ۽ دائود ساز وڄائڻ لڳو، جيئن هو روز بروز ڪندو هو. ۽ سائول جي هٿ ۾ سندس نيزو هو.


پر هڪڙو بدروح خداوند وٽان سائول تي آيو ۽ انهي مهل هو پنهنجي گهر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو؛ ۽ دائود پنهنجي هٿ سان ساز ويٺي وڄايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ