Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هن انهي کي گهرائي ورتو. هاڻي هو ڳاڙهي گوري رنگ جو هو، ۽ ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ شڪل ۾ خوبصورت هو. ۽ خداوند چيو تہ اُٿ، هن کي مسح ڪر: ڇالاءِ جو هو اهو ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو.


هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن. دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


۽ صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي هن کي اُتي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪن: پوءِ اوهين قرناءِ وڄائي چئجو تہ خدا شل بادشاهہ سليمان کي سلامت رکي.


خداوند ۽ سندس مسيح جي برخلاف زمين جا بادشاهہ کڙا ٿيا آهن، ۽ حاڪم پاڻ ۾ صلاح ڪري چون ٿا تہ،


۽ چوندو تہ مون پنهنجي بادشاهہ کي پاڪ جبل صيون تي ويهاريو آهي.


هن پنهنجي ٻانهي دائود کي رڍن جي واڙي مان چونڊي ڪڍيو:


۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو.


منهنجو محبوب اڇو ۽ ڳاڙهو آهي، ڏهن هزارن مان هو سڀ کان مک آهي.


اُن جا شريف ماڻهو برف کان صاف هئا، اُهي کير کان اڇا هئا، اُهي جسم ۾ لعلن کان ڳاڙها هئا، انهن جو تجلو نيلم جهڙو هو.


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


اُنهن ڏينهن ۾ موسيٰ ڄائو، جو ڏاڍو خوبصورت هو، ۽ ٽن مهينن تائين هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ نپنو؛


ايمان ئي جي ڪري موسيٰ جي مائٽن سندس ڄمڻ کانپوءِ کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آهي؛ ۽ هو بادشاهہ جي حڪم کان ڊنا ڪين.


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


۽ جڏهن انهي فلستيءَ هيڏي هوڏي نهاريو، ۽ دائود کي ڏٺائين تڏهن هن کي حقير ڄاتائين: ڇالاءِ جو هو اڃا ڇوڪر هو، ۽ ڳاڙهيرو ۽ خوبصورت هو.


۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.


۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ