Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:11 - Sindhi Bible

11 ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ تنهنجا سڀ پٽ هتي اچي چڪا آهن؟ ۽ هن چيو تہ اڃا سڀ کان ننڍو پٺتي رهيل آهي، ۽ ڏسو هو رڍون ٿو چاري. ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ اُنهي کي گهرائي وٺ: ڇالاءِ جو جيسين هو هتي نہ ايندو تيسين اسين هتي نہ ويهنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن سموئيل يسيءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجا سمورا پٽ اهي ئي آهن ڇا؟“ يسيءَ وراڻيو تہ ”سڀني کان ننڍو اڃا باقي آهي، جيڪو رڍون چارڻ ويو آهي.“ تڏهن سموئيل چيس تہ ”انهيءَ کي گھرائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيستائين هو هتي نہ ايندو تيستائين اسين ڪجھہ نہ ڪنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


۽ يسي پنهنجن ستن ئي پٽن کي سموئيل جي اڳيان لنگهڻ لاءِ چيو، ۽ سموئيل يسيءَ کي چيو تہ خدا هنن کي بہ پسند نہ ڪيو آهي.


۽ جڏهن هن ماڻهن سان پئي ڳالهايو تڏهن هن جي وڏي ڀاءُ الياب اهو ٻڌو، ۽ الياب جي ڪاوڙ دائود تي ڀڙڪي، ۽ چوڻ لڳو تہ تون ڇو لهي آيو آهين؟ ۽ تون ڪنهن وٽ اُهي ٿوريون رڍون بيابان ۾ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروري ۽ تنهنجي دل جي شرارت آءٌ ڄاڻان ٿو؛ ڇالاءِ جو تون انهي لاءِ آيو آهين تہ جنگ ڏسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ