Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 16:1 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيت‌لحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 16:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.


۽ اليشع نبيءَ، نبين جي پٽن مان هڪڙي کي سڏي چيو تہ پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ هيءَ تيل جي ڪُپي پنهنجن هٿن ۾ کڻي رامات جلعاد ڏانهن وڃ.


پوءِ اها ڪُپي ڪڍي هن جي مٿي تي تيل اوتي چئجانءِ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو آهي. پوءِ در پٽي اُٿي ڀڄج ۽ متان ترسين.


۽ هو اُٿيو ۽ اندر گهر ۾ گهڙي ويو؛ تڏهن هن اهو تيل هاري هن جي مٿي تي وڌو، ۽ چيائينس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان مسح ڪري بادشاهہ ڪيو آهي.


پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ حبرون ۾ بادشاهہ وٽ آيا، ۽ دائود انهن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو؛ ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو، جيئن ڪ خداوند سموئيل جي معرفت حڪم ڪيو هو.


تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري:


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي.


تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“


هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان.


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ آءٌ توسان گڏجي موٽي نہ هلندس: ڇالاءِ جو تو خداوند جو ڪلام رد ڪيو آهي، ۽ خداوند توکي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


۽ سموئيل وري سائول کي ڏسڻ نہ ويو، جيسين ڪ هن جي موت جو ڏينهن نہ آيو: ۽ سموئيل سائول جي لاءِ افسوس ڪيو: ۽ خداوند سائول کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪرڻ کان پشيماني ظاهر ڪئي.


۽ سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ هڪڙو بدروح خداوند وٽان اچي توکي ستائي ٿو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بدروح خدا وٽان سائول تي ايندو هو تڏهن، دائود بربط کڻي پنهنجي هٿ سان وڄائيندو هو: پوءِ سائول کي راحت ملندي هئي، ۽ هو چڱو ڀلو ٿيندو هو، ۽ بدروح ڇڏي ويندو هوس.


هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.


سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ