Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو پڪڙيو ۽ باقي سڀني ماڻهن کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارام مان، ۽ موآب مان، ۽ بني عمون مان ۽ فلستين مان، ۽ عماليق مان، ۽ ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر بن رحوب جي لٽ جي مال مان.


پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو.


۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن.


انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.


ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.


۽ انهن بادشاهن جا سڀ شهر، ۽ انهن جا سڀ سردار يشوع ورتا، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو، ۽ انهي کي يشوع وٽ وٺي آيا.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ هائو، مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي، ۽ جنهن رستي تي خداوند مون کي موڪليو هو انهيءَ تي آءٌ هليو آهيان، ۽ عماليق جي بادشاهہ اجاج کي آندو اٿم، ۽ عماليقين کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿم.


هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.


۽ ڪاهنن جي شهر نوب جي مردن توڙي زالن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي، ۽ ڏاندن، ۽ گڏهن، ۽ رڍن کي هن ترار جي ڌار سان قتل ڪيو.


۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ