Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:6 - Sindhi Bible

6 ۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هن قينين ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ اوهان جا ابا ڏاڏا بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت ساڻن مهربانيءَ سان پيش آيا هئا، تنهنڪري اوهين هتان هليا وڃو ۽ عماليقين مان نڪري وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ انهن سان گڏ تباهہ نہ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن قيني قبيلي وارا عماليقين مان نڪري هليا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.


هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌ، آءٌ توکي صلاح ٿو ڏيان ۽ شل خدا تو ساڻ هجي: تون ماڻهن جي پاران خدا ڏانهن مهڙ ڪر، ۽ سڀ عرض احوال خدا جي اڳيان پيش ڪر.


بي عقلي ڇڏي ڏيو ۽ جيئندا رهو؛ ۽ سمجهہ جي رستي تي هلو.


۽ سڀ اسرائيلي جيڪي انهن جي آس پاس هئا، سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.


۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


۽ تنهنجا دلپسند ميوا تو وٽان هليا ويا آهن، ۽ جيڪي لذيذ ۽ عمديون شيون هيون، سي تو وٽان گم ٿي ويون آهن، ۽ اهي وري ڪڏهن بہ هٿ ڪين اينديون.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.


حبر قينيءَ جي زال ياعيل سڀني زالن مان برڪت واري ٿيندي.


۽ سائول عماليق جي هڪڙي شهر وٽ آيو، ۽ واديءَ ۾ اچي لڪي ويهي رهيو.


۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي.


۽ رڪل ۾، ۽ يرحمئيلين جي شهرن ۾، ۽ قينين جي شهرن ۾،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ