Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:32 - Sindhi Bible

32 پوءِ سموئيل چيو تہ اوهين عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هيڏي مون وٽ وٺي اچو. ۽ اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو. ۽ اجاج چيو تہ موت جي تلخي ضرور لنگهي ويئي هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پوءِ سموئيل چيو تہ ”عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هتي مون وٽ وٺي اچو.“ تڏهن اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”موت جي تلخي ضرور اچي ويئي هوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:32
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


تڏهن يشوع چيو تہ غار جو منهن کوليو، ۽ انهي مان اُهي پنج ئي بادشاهہ مون وٽ وٺي اچو.


جيتري قدر انهي پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر کيس عذاب ۽ ڏک ڏيو. ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ آئون ملڪہ وانگر ويٺي آهيان، ۽ بيوهہ نہ آهيان، ۽ ڪنهن بہ طرح ماتم نہ ڪنديس.


پوءِ جدعون انهن جي پاسي ويو جي نبح ۽ يگبهاہ جي اُڀرندي، تنبن ۾ رهندا هئا، ۽ انهن جي لشڪر کي شڪست ڏنائين؛ ڇالاءِ جو هو بي خبرا آرام ۾ ويٺا هئا.


تڏهن سموئيل ڦري سائول جي پٺيان ويو؛ ۽ سائول خداوند کي سجدو ڪيو.


۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ