31 تڏهن سموئيل ڦري سائول جي پٺيان ويو؛ ۽ سائول خداوند کي سجدو ڪيو.
31 تڏهن سموئيل ساڻس گڏ موٽي جِلجال ڏانهن ويو، جتي سائول خداوند کي سجدو ڪيو.
تڏهن دائود زمين تان اُٿيو، ۽ غسل ڪيائين، ۽ پاڻ کي تيل مکيائين ۽ ڪپڙا بدلايائين؛ پوءِ هو خداوند جي گهر ۾ آيو، ۽ سجدو ڏنائين: پوءِ هو پنهنجي گهر آيو، ۽ سندس گهرڻ تي ماني اڳيان رکي ڏنائونس، ۽ اها هن کاڌي.
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ آءٌ توسان گڏجي موٽي نہ هلندس: ڇالاءِ جو تو خداوند جو ڪلام رد ڪيو آهي، ۽ خداوند توکي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.
تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.
پوءِ سموئيل چيو تہ اوهين عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هيڏي مون وٽ وٺي اچو. ۽ اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو. ۽ اجاج چيو تہ موت جي تلخي ضرور لنگهي ويئي هوندي.