Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:3 - Sindhi Bible

3 هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عيسوءَ جي پٽ اليفز جي سريت تمنع نالي هئي، تنهن کي اليفز مان عماليق ڄائو: اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پٽ.


۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.


تنهنڪري ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي، ۽ سڀيئي زالون جي مڙس سان گڏ سُتيون آهن، تن کي ماري ڇڏيو.


۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.


۽ هن بهادري جا ڪم ڪيا، ۽ عماليقين کي ماريائين، ۽ اسرائيل کي انهن جي هٿان ڇڏايائين، جن هنن کي ڦريو ۽ لٽيو ٿي.


۽ خداوند توکي سفر تي موڪليو، ۽ چيائين تہ وڃي گنهگار عماليقين کي چٽ ڪر، ۽ اهڙو ساڻن وڙهہ جو هو سڀ مري کپي وڃن.


پر سائول ۽ سندس ماڻهن اجاج کي، ۽ تمام چڱين رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٿلهي متاري مال کي، ڇيلن ۽ گهيٽن کي، ۽ ٻيو جيڪي چڱو هو تنهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ بلڪل تباهہ ڪري ڇڏڻ نہ گهريائون: پر جيڪا شيءِ بي ملهہ ۽ نڪمي هئي تنهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيائون.


۽ ڪاهنن جي شهر نوب جي مردن توڙي زالن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي، ۽ ڏاندن، ۽ گڏهن، ۽ رڍن کي هن ترار جي ڌار سان قتل ڪيو.


۽ دائود انهي ملڪ کي فتح ڪيو، ۽ ڪوبہ مرد يا زال جيئرو نہ ڇڏيائين، ۽ رڍون، ۽ ڏاند، ۽ گڏهہ، ۽ اُٺ، ۽ ڪپڙا کڻي ويو؛ پوءِ موٽي اڪيس وٽ آيو.


۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ