Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:20 - Sindhi Bible

20 ۽ سائول سموئيل کي چيو تہ هائو، مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي، ۽ جنهن رستي تي خداوند مون کي موڪليو هو انهيءَ تي آءٌ هليو آهيان، ۽ عماليق جي بادشاهہ اجاج کي آندو اٿم، ۽ عماليقين کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي. جنهن مقصد لاءِ خداوند مون کي موڪليو هو، تنهن تي ئي آءٌ هليو آهيان. مون عماليقين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن بادشاهہ اجاج کي پڪڙي آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پاڪ آهيان ۽ گناهہ کان آجو آهيان؛ آءٌ بي گناهہ آهيان، مون ۾ ڪا بہ برائي ڪانهي:


ڇالاءِ جو ايوب چيو آهي تہ آءٌ سچو آهيان، ۽ خدا منهنجو حق کسي ورتو آهي:


اهو تون پنهنجو حق ٿو سمجهين ڇا، يا تون ائين چوين ٿو ڇا تہ منهنجي سچائي خدا جي سچائيءَ کان وڌيڪ آهي،


تون منهنجي عدالت کي بہ رد ڪرڻ ٿو گهرين ڇا؟ تون مون کي ڏوهاري ٺهرائيندين ڇا تہ تون سچو ثابت ٿين؟


انهي جوان چيس تہ هي سڀ ڪم مون پئي ڪيا آهن، ٻي مون ۾ ڪهڙي ڪسر آهي؟


پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


ڇالاءِ جو هنن خدا جي راستبازيءَ کان ناواقف رهي، پنهنجي راستبازي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ خدا جي راستبازيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.


۽ سموئيل سائول وٽ آيو: ۽ سائول کيس چيو تہ شل خداوند جي توتي برڪت هجي: مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.


هاڻي وڃي عماليق کي مار، ۽ جيڪي وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر، ۽ اصل نہ ڇڏين؛ مردن، زالن، ٻارن، ۽ کير پياڪن، ڏاندن ۽ رڍن، اُٺن ۽ گڏهن، سڀني کي قتل ڪر.


۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ