Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:17 - Sindhi Bible

17 ۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سموئيل چيس تہ ”جيتوڻيڪ تون پنهنجيءَ ئي نظر ۾ تمام خسيس هئين، تڏهن بہ ڇا تو کي بني اسرائيل جي قبيلن جو اڳواڻ مقرر نہ ڪيو ويو؟ بلڪ خداوند تو کي چونڊي مسح ڪرائي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


تنهنڪري جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو.


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ اسرائيل کي ڪهڙيءَ طرح ڇڏايان؟ ڏس، منسي ۾ منهنجو قبيلو سڀني کان غريب آهي، ۽ آءٌ پنهنجي اباڻي گهراڻي ۾ سڀني کان ننڍو آهيان.


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ.


۽ سائول ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ بنيمين جو ناهيان ڇا، جو اسرائيل جي فرقن مان تمام ننڍو آهي؟ ۽ منهنجو قبيلو بنيمين جي فرقي جي قبيلن مان سڀ کان ننڍو نہ آهي ڇا؟ تڏهن ڇالاءِ تون مون سان انهي طرح ٿو ڳالهائين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ