Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”ترس، آءٌ تو کي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي.“ سائول چيس تہ ”ٻڌايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اخياہ هن جي پيرن جو آواز ٻڌو ۽ هوءَ در تي آئي، تڏهن هن چيو تہ اي يربعام جي زال، هلي اچ؛ ڪوڙ ڪري ڇو ٿي پاڻ کي ٻي زال بنائين؟ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏي تمام خراب خبر ٻڌائڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان.


۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام ٻڌ.


جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون،


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


۽ سائول چيو تہ اهي هنن عماليقين مان آندا آهن: ڇالاءِ جو ماڻهن جيڪي تمام چڱيون رڍون، ۽ تمام چڱا ڏاند هئا سي بچائي آندا آهن، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪن؛ ۽ ٻيو سڀ ڪجهہ اسان اصل چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


۽ سموئيل چيو تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي نظر ۾ تمام حقير هئين، تہ بہ تون اسرائيل جي فرقن جو مهندار نہ ڪيو ويو هئين ڇا؟ ۽ خداوند توکي مسح ڪرائي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو؛


جيئن هو لهندا شهر جي پڇاڙيءَ تائين آيا، تيئن سموئيل سائول کي چيو، تہ پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ اسان جي اڳيان لنگهي اڳتي وڃي (۽ هو لنگهي اڳتي ويو)، پر تون هن هنڌ بيهي رهہ تہ آءٌ توکي خدا جو ڪلام ٻڌايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ