Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 15:1 - Sindhi Bible

1 ۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سموئيل سائول کي چيو تہ ”خداوند مون کي ئي موڪليو هو تہ آءٌ تو کي مسح ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ تون سندس قوم بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿئين. تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو فرمان ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 15:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليشع چيو تہ اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: خداوند هيئن ٿو فرمائي: تہ سڀاڻي هن وقت ڌاري سامريہ جي در تي ميدي جو هڪڙو ماڻ هڪڙي شيڪل تي وڪامندو، ۽ جَوَن جا ٻہ ماڻ هڪڙي شيڪل تي.


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو:


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ


سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ