Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هن جي زرهہ بردار کيس چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوي تيئن ڪر؛ ڦري هل، ڏس آءٌ تنهنجي مرضيءَ موجب توسان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سندس هٿياربردار وراڻيس تہ ”جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر. ڀلي اڳتي هل، آءٌ دل وَ جان سان تو سان گڏ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ جي نوڪرن بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، جيڪي منهنجي ڌڻي بادشاهہ کي پسند آهي انهيءَ جي ڪرڻ لاءِ تنهنجا ٻانها تيار آهن.


۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


تڏهن يونتن چيو تہ ڏس، اسين انهن ماڻهن ڏانهن لنگهي هلي وٽن پاڻ ظاهر ڪنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ