هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو.
۽ سائول ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ بنيمين جو ناهيان ڇا، جو اسرائيل جي فرقن مان تمام ننڍو آهي؟ ۽ منهنجو قبيلو بنيمين جي فرقي جي قبيلن مان سڀ کان ننڍو نہ آهي ڇا؟ تڏهن ڇالاءِ تون مون سان انهي طرح ٿو ڳالهائين؟