Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:5 - Sindhi Bible

5 هڪڙي ٽڪري اُتر ڏي مڪماس جي سامهون هئي، ۽ ٻي ڏکڻ ڏي جبع جي سامهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هڪڙي ٽڪري اتر طرف مڪماس جي سامهون هئي تہ ٻي ڏکڻ طرف جِبع جي سامهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:


هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.


۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.


۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.


پوءِ هنن انهي ڏينهن مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو: ۽ ماڻهو تمام ٿڪجي پيا.


۽ جن جبل وارن لڪن جي وچان يونتن فلستين جي قلعي واري فوج ڏي وڃڻ ٿي گهريو، اُتي هڪڙي پاسي هڪڙي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي، ۽ ٻئي پاسي ٻي اُڀ ڪپري ٽڪري هئي: ۽ هڪڙي جو نالو بوصيص هو ۽ ٻيءَ جو سنہ.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ