Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:47 - Sindhi Bible

47 هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جڏهن کان سائول بني اسرائيل مٿان پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، تڏهن کان هو پنهنجي آس‌پاس وارن سڀني دشمنن يعني موآبين، عمونين، ادومين، ضوباہ جي بادشاهن ۽ فلستين سان جنگ ڪندو رهيو. هن جنهن پاسي منهن ٿي ڪيو، تنهن پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:47
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو موآب رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي موآبي آهن، تن جو هو ابو آهي.


۽ ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بن عمي رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي امون جو اولاد ٿا سڏجن، تن جو هو ابو آهي.


هاڻي عيسو (يعني ادوم) جو نسب نامو هن ريت آهي.


سو عيسو، يعني ادوم جو اولاد، ۽ سندن سردار اهي ئي آهن.


تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.


ڪُٺلن جي رت مان ۽ بهادرن جي چرٻيءَ مان، يونتن جي ڪمان پٺتي نہ موٽي، ۽ سائول جي ترار خالي نہ موٽي.


۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ دائود پنهنجي ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيو.


دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.


۽ خدا هن جي لاءِ ٻيو دشمن اُٿاريو، رزون بن اليدع، جو پنهنجي ڌڻيءَ هدد عزر، ضوباہ جي بادشاهہ کان ڀڄي نڪتو هو:


۽ خداوند ائين نہ فرمايو تہ آءٌ اسرائيل جو نالو آسمان جي هيٺان مٽائي ڇڏيندس: پر هن انهن کي يربعام بن يوآس جي وسيلي بچايو.


۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان.


سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


تڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري مٿي هليو ويو: ۽ فلستي پنهنجي ملڪ ڏي هليا ويا.


۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.


هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ