Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:44 - Sindhi Bible

44 تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 سائول چيو تہ ”اي يونتن! جيڪڏهن تون ماريو نہ وڃين تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:44
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.


۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.


تڏهن دائود انهيءَ ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو؛ ۽ هن ناتن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي سو مرڻ جي لائق آهي؛


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛


تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن انهي کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ هاءِ، اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ تون منهنجي تڪليف ڏيندڙن مان هڪڙي آهين: ڇالاءِ جو مون خداوند جي اڳيان پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ آءٌ انهي کان ڦري نٿو سگهان.


جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.


ڇالاءِ جو انهي خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جي اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن ئي جو هوندو تہ اهو ضرور مرندو، پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ