Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:36 - Sindhi Bible

36 پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 پوءِ سائول پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هلو تہ رات جو فلستين تي حملو ڪريون ۽ صبح جو سوجھري ٿيڻ تائين کين ڦريون لٽيون ۽ انهن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيون.“ هنن وراڻي ڏنس تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“ پر ڪاهن چيو تہ ”اچو تہ پهريائين خدا سان صلاح مصلحت ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:36
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون لاءِ اهو چڱو آهي تہ خدا کي ويجهو ٿيان: مون خداوند خدا کي پنهنجي پناهہ جي جاءِ ڪيو آهي، تہ تنهنجي سڀني ڪمن جو بيان ڪريان.


انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.


اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


پوءِ ترسجو نہ، پر پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئو، ۽ جيڪي انهن مان سڀني کان پٺتي هجن، انهن کي مارجو: هنن کي سندن شهرن ۾ گهڙڻ نہ ڏجو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.


۽ انهن شهرن جو سڀ لٽ جو مال، ۽ چوپايو مال، بني اسرائيل غنيمت ڄاڻي پنهنجي لاءِ رکيو؛ پر سڀ ماڻهو هنن ترار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏيا، ۽ انهن کي اهڙو ناس ڪيائون جو هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ سائول ماڻهن جون ٽي ٽوليون ڪيون؛ ۽ اُهي رات جي پوئين پهر ۾ لشڪرگاهہ جي وچ ۾ اچي پيون، ۽ جيسين ڏينهن گرم ٿيو تيسين عمونين کي پئي ماريائون: ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي باقي بچيا سي ٽڙي پکڙي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ بہ گڏ رهجي نہ ويا.


۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ