Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهن ۾ اخياہ بہ مذهبي وڳو پايو ويٺو هو. هو يڪبود جي ڀاءُ اخيطوب بن فينحاس بن عيلي جو پٽ هو. عيلي سيلا شهر ۾ خداوند جو ڪاهن هو. ماڻهن کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.


پوءِ سائول چيو تہ هلو تہ رات جو فلستين تي ڪاهي هلون، ۽ صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين انهن کي ڦريون لٽيون، ۽ انهن مان هڪڙو ماڻهو بہ نہ ڇڏيون. ۽ هنن چيو تہ جيڪي توکي مناسب نظر اچي سو ڪر. تڏهن ڪاهن چيو تہ اچو تہ پهرين خداوند جي ويجهو وڃون.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، ۽ پنهنجي قربانگاهہ تي چڙهڻ لاءِ، ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي حضور ۾ اُفود ڍڪڻ لاءِ پسند ڪيو هو يا نہ؟ ۽ بني اسرائيل جون سڀ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي پيءُ جي گهراڻي کي ڏنيون هيون يا نہ؟


۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو.


۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.


تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ