25 ۽ سڀ ماڻهو ٻيلي ۾ آيا؛ ۽ اُتي زمين تي ماکي پئي هئي.
25 پوءِ سڀيئي ماڻهو هڪڙي اهڙيءَ ٻيلي ۾ وڃي پهتا، جتي هر طرف ماکي ئي ماکي هئي.
۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،
تو ماکي لڌي آهي ڇا؟ ايتري کاءُ جيتري تنهنجي لاءِ ڪافي آهي، متان تنهنجو پيٽ انهيءَ سان ڀرجي پوي ۽ تون اُها قئي ڪري ڪڍي ڇڏين.
۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.
ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري.
تڏهن هن اُها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ اُها کائيندو اڳتي هليو، ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو ۽ انهن کي بہ ڏنائين، ۽ انهن بہ اُها کاڌي؛ پر هن انهن کي نہ ٻڌايو تہ اُها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين.
۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.
۽ جڏهن ماڻهو ٻيلي ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ ماکي پئي ٽمي: پر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي وات تائين هٿ نہ آندو؛ ڇالاءِ جو ماڻهو قسم کان ڊنا.