Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:24 - Sindhi Bible

24 ۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو.


ماڻهن مان ڪو وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي؛ پر ضرور ماريو وڃي.


يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:


تڏهن اسرائيلين خداوند جي حضور ۾ هڪڙي مڃت مڃي، ۽ چيائون تہ جي تون سچ پچ هنن ماڻهن کي اسان جي هٿن ۾ گرفتار ڪرائيندين، تہ اسين هنن جا شهر بلڪل برباد ڪري ڇڏينداسين.


تہ ڪاهن انهيءَ زال کي لعنت جو قسم ڏئي، ۽ چويس تہ پوءِ شل خداوند تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي، ۽ تنهنجي پيٽ کي سڄائي؛ جنهن ڪري تون پنهنجيءَ قوم ۾ لعنت ۽ قسم جو مثال بڻجين؛


ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.


جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.


۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اسرائيل زور ورتو تڏهن ڪنعانين کان بيگر ۾ سخت ڪم وٺڻ لڳا، پر هنن کي هڪالي نہ ڪڍيائون.


اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا.


۽ سڀ ماڻهو ٻيلي ۾ آيا؛ ۽ اُتي زمين تي ماکي پئي هئي.


ڇالاءِ جو انهي خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جي اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن ئي جو هوندو تہ اهو ضرور مرندو، پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


هاڻي سائول جو ارادو هو تہ دائود کي فلستين جي هٿان مارائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ