Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:19 - Sindhi Bible

19 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اڃا سائول ڪاهن سان پئي ڳالهايو، تڏهن فلسطين جي لشڪرگاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو وڌندو ويو: ۽ سائول ڪاهن کي چيو تہ پنهنجو هٿ کڻي وٺ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سائول اڃا اخياہ سان ڳالهائي ئي رهيو هو تہ فلستين جي خيمي‌گاهہ ۾ جيڪو گوڙ هو سو جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. تنهنڪري سائول ڪاهن کي چيو تہ ”بس، ڇڏ انهيءَ ڳالهہ کي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛


۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي.


۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.


۽ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي ياتر کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي افود آڻي ڏي. ۽ ابي ياتر افود دائود وٽ کڻي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ