Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:14 - Sindhi Bible

14 ۽ اهو پهريون ڪوس، جو يونتن ۽ سندس زرهہ بردار هنن ۾ وڌو، تنهن ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو زمين جي هڪڙي ايڪڙ جي هر کيڙڻ جي ڪياڙيءَ جيتري ٽڪر جي اڌ ۾ مارجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اها پهرين خونريزي هئي، جيڪا يونتن ۽ سندس هٿياربردار ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اٽڪل ويهہ ماڻهو اڌ ايڪڙ زمين جي ٽڪري ۾ مارجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:14
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي.


۽ هن هڪڙي گڏهہ جي نئين ڄاڙهہ پيل ڏٺي، جا هٿ ڊگهيري کنيائين، ۽ انهيءَ سان هڪ هزار ماڻهن کي ماريائين.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو.


۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ