Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 14:12 - Sindhi Bible

12 ۽ فوجي ماڻهن يونتن ۽ سندس زرهہ بردار کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون، ۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچ: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پهريدار سپاهين يونتن ۽ سندس هٿياربردار کي سڏي چيو تہ ”اسان وٽ چڙهي اچو تہ اوهان کي هڪڙي شيءِ ڏيکاريون.“ تڏهن يونتن پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هلندو اچ، ڇو تہ خداوند هنن کي بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 14:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اڄ آءٌ هن چشمي تي آيس ۽ چيم تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، هيءَ مسافري، جا مون ڪئي آهي، سا جي تون سَجائي ڪرين،


۽ مون پنهنجو ڪنڌ نمائي خداوند کي سجدو ڪيو، ۽ چيم تہ خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا سڳورو آهي، جنهن مون کي سنئين واٽ ڏيکاري، جو مون پنهنجي مالڪ جي ڀائٽي سندس پٽ لاءِ هٿ ڪئي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توتن جي وڻن جي مٿان هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن تون چُرجانءِ: ڇالاءِ جو انهيءَ وقت خداوند تنهنجي اڳيان فلستين کي مارڻ لاءِ نڪري هلندو.


پوءِ امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يهوآس بن يهوآخز بن ياهو ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ اچ تہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيون.


۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.


۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


تنهن تي هن جلدي ڪري پنهنجي زرهہ بردار جوان کي ڪوٺي چيو تہ پنهنجي ترار ڪڍي مون کي مار، متان ماڻهو منهنجي نالي ائين چون تہ هڪڙي زال هن کي ماري وڌو، ۽ انهيءَ جوان ترار هن مان آرپار لنگهائي وڌي، ۽ هو مري ويو.


پر جي هو چوندا تہ اسان وٽ اچو تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي اسانجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: ۽ اها اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي.


۽ يونتن پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان مٿي چڙهيو، ۽ سندس زرهہ بردار پٺيانس لڳو: ۽ هو يونتن جي اڳيان شڪست کائي ڪِريا؛ ۽ سندس زرهہ بردار بہ سندس پٺيان هنن کي قتل ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ