Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن سائول چيو تہ سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون مون وٽ کڻي اچو. ۽ هن سوختني قرباني چاڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو سائول ماڻهن کي چيو تہ ”ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سلامتيءَ واري قربانيءَ جا جانور مون وٽ آڻيو.“ پوءِ هن ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.


۽ بادشاهہ قرباني ڪرڻ لاءِ جبعون ڏي ويو؛ ڇالاءِ جو اهو ئي خاص مٿانهون هنڌ هو: انهيءَ قربانگاهہ تي سليمان هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيون.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


تون ائين نہ چئُہ تہ آءٌ بديءَ جو بدلو وٺندس: خداوند تي آس رک تہ هو پاڻيهي توکي بچائيندو.


شرير جي قرباني هڪڙي ڪراهت جهڙي شيءِ آهي؛ پر جڏهن هو اُها خراب دل سان آڻي ٿو تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ اُها ڪراهت جهڙي آهي!


انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


۽ سائول اخياہ کي چيو تہ خدا جي صندوق کڻي اچ، ڇالاءِ جو خدا جي صندوق انهي وقت بني اسرائيل وٽ اُتي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ