Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:7 - Sindhi Bible

7 هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهن مان ڪي اردن درياءُ پار ڪري جد ۽ جِلعاد جي علائقي ڏانهن هليا ويا. پر سائول اڃا بہ جِلجال ۾ ئي رهيل هو ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي خوف کان ڏڪندا ٿي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


۽ عملدار ماڻهن کي هيئن بہ چون، تہ جيڪو ماڻهو ڊڄڻو يا ناهمت هجي، اهو بہ پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان سندس ڀائر بہ انهي وانگر ناهمت ٿي پون.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:


۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين


انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛


تنهنڪري هاڻي وڃي قوم کي چٽيءَ طرح چئُہ تہ جيڪو ڊڄي ٿو، سو موٽي وڃي، ۽ جلعاد جبل کان هليو وڃي ۽ انهن ماڻهن مان ٻاويهہ هزار موٽي ويا، ۽ باقي ڏهہ هزار وڃي بچيا.


۽ جيڪو وقت سموئيل مقرر ڪيو هو، اُن موجب سائول ست ڏينهن ترسيو. پر سموئيل جلجال ۾ نہ آيو؛ ۽ ماڻهو هن کان ٽڙي پکڙي ويا.


۽ جڏهن سائول ۽ سڀني اسرائيلين انهي فلستيءَ جي اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بيحواس ٿي ويا، ۽ ڏاڍا ڊنا.


۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ