Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:5 - Sindhi Bible

5 ۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.


۽ بني اسرائيل گڏ ٿي، کاڌي پيتي جو سامان وٺي هنن تي ڪاهي هليا: ۽ بني اسرائيل هنن جي اڳيان ڇيلن جي ٻن ننڍڙن ڌڻن وانگر لٿل هئا؛ پر ارامين سان سارو ملڪ ڀرجي ويو هو.


هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو عهد اقرار تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو آهي سو شل قائم رهي: ڇالاءِ جو تو مون کي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ ڪيو آهي جا زمين جي مٽيءَ جهڙي بيشمار آهي.


هو عيات ۾ آيو آهي، هو مجرون مان لنگهي ويو آهي؛ مڪماس ۾ هو پنهنجو سامان رکي ٿو:


تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.


هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!


۽ يسعياہ، اسرائيل جي نسبت ۾ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو هوندو، تہ بہ اُنهن مان ڪي ٿورا ئي بچندا.


۽ اُهي سڀئي پاڻ سان پنهنجا لشڪر وٺي نڪتا، ۽ اُهي ايترا بيشمار ماڻهو هئا، جو گهڻائيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيل واريءَ جيترا هئا، ۽ ساڻن گهڻا ئي گهوڙا، ۽ جنگي گاڏيون هيون.


۽ انهن جي سرحد اُتر پاسي يردن کان هلي؛ ۽ اُها سرحد اُتر ڏي يريحو جي پاسي ويئي، ۽ اُتان جبلن منجهان لنگهي اُلهندي ڏي ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي بيٿ آون جي بيابان تي بيٺي.


۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛


۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي.


۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.


هاڻي فلستين جنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر آڻي گڏ ڪيا، ۽ اُهي شوڪہ ۾ جمع ٿيا، جو يهوداہ جو شهر هو، ۽ شوڪہ ۽ عزيقہ جي وچ ۾، افس دميم منجهہ تنبو هنيائون.


انهي طرح فلستي جيتجي ويا، ۽ وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا: ۽ سموئيل جي سڀني ڏينهن ۾ خداوند جو هٿ فلستين جي برخلاف هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ