Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:4 - Sindhi Bible

4 ۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.


تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.


۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.


۽ تون مون کان اڳ ۾ جلجال ڏي لهي ويندين؛ ۽ ڏس، آءٌ تو وٽ ايندس، انهي لاءِ تہ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون بجا آڻيان؛ ست ڏينهن تون اُتي ترسج، جيسين ڪ آءٌ تو وٽ اچان، ۽ جيڪي توکي ڪرڻو آهي، سو توکي ڏيکاريان.


۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ