Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:3 - Sindhi Bible

3 ۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 يونتن جِبع شهر ۾ فلستين جي پهريدارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏيو ۽ فلستين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي. تڏهن سائول سڄي ملڪ ۾ اعلانِ جنگ لاءِ نفيلون وڄرائيون تہ جيئن ڀلي سڀيئي عبراني ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يوآب قرناءِ وڄائي ۽ سڀ ماڻهو بس ڪري بيهي رهيا، ۽ وڌيڪ اسرائيل جي پٺيان نہ پيا، ۽ نہ وري انهن سان وڙهيا.


۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو.


هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.


۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو.


۽ ڪفرالعموني، ۽ عفني، ۽ جبع؛ ٻارنهن شهر ڳوٺن سميت.


۽ بنيمين جي فرقي مان، جبعون سندس ٻهراڙين سميت، جبع سندس ٻهراڙين سميت؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو.


۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ