Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:2 - Sindhi Bible

2 ۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي.


تنهن جي پٽن مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن تہ انهن کي اسين خداوند جي چونڊيل سائول جي جبعہ ۾، خداوند جي لاءِ ڦاسي ڏئي لڙڪايون. ۽ بادشاهہ چيو تہ آءٌ اهي ڏيندس.


جلب بن بعنہ نطوفاتي، اتي بن ريبي، بنيمين جي جبعہ وارو؛


مڪماس جا ماڻهو هڪ سؤ ٻاويهہ.


بني بنيمين بہ جبع کان وٺي اڳتي، مڪماس، ۽ عياہ ۾، ۽ بيت ايل، ۽ ان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا؛


۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.


پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.


۽ هن جي مالڪ هن کي چيو تہ اسين ڌارين جي شهر ۾ ڪين ٽڪنداسين، جي بني اسرائيل مان ناهن؛ پر اسين لنگهي جبعہ ۾ هلنداسين.


۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو.


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛


۽ سموئيل اُٿيو ۽ جلجال مان نڪري بنيمين جي جبعہ ۾ آيو، ۽ جيڪي ماڻهو سائول وٽ حاضر هئا تن جو هن شمار ڪيو تہ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ٿيا.


۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا،


۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


پوءِ هنن انهي ڏينهن مڪماس کان وٺي ايالون تائين فلستين کي ماريو: ۽ ماڻهو تمام ٿڪجي پيا.


هڪڙي ٽڪري اُتر ڏي مڪماس جي سامهون هئي، ۽ ٻي ڏکڻ ڏي جبع جي سامهون.


۽ سائول جي سڀني ڏينهن ۾ فلستين سان سخت جنگ لڳي آئي: ۽ جڏهن سائول ڪو زور وارو ماڻهو يا بهادر شخص ڏسندو هو تہ انهي کي آڻي پاڻ وٽ رکندو هو.


تنهن کان پوءِ سموئيل رامہ ڏي ويو؛ ۽ سائول پنهنجي گهر، سائول واري جبعہ ڏي ويو.


۽ رستي ۾ رڍن جي واڙن ۾ آيو، جتي هڪڙو غار هو؛ ۽ سائول پنهنجن پيرن ڍڪڻ لاءِ اُنهي ۾ گهڙي ويو. هاڻي دائود ۽ سندس ماڻهو انهي غار جي اندرين حصي ۾ رهيا پيا هئا.


تڏهن سائول اُٿيو ۽ پاڻ سان اسرائيل جا ٽي هزار چونڊيل ماڻهو وٺي زيف جي بيابان ڏي ويو، انهي لاءِ تہ زيف جي بيابان ۾ دائود کي ڳولي.


۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ