Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 13:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 13:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


۽ سموئيل سوير اُٿيو تہ صبح جو سائول کي گڏجي؛ ۽ سموئيل کي خبر ملي تہ سائول ڪرمل ۾ آيو آهي، ۽ هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو آهي، ۽ گشت ڪري جلجال ڏانهن لنگهي ويو آهي.


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ